Home
Tutorials
English Sindhi Grammar

Present Aorist Tense - English Sindhi Grammar

زمان حال مضارع

Definition

A verb showing possibility, wish, permission or purpose of the subject in a sentence in present time is called Present aorist tense.

Note:-This tense shows possibility, wish, permission or purpose in present time.

Example

  1. I may go to home.
  2. She may visit to us.
  3. You may eat meal.

وصف

اهڙو فعل جيڪو موجوده وقت ۾ جملي ۾ فاعل جي امڪان، خواهش، اجازت يا مقصد کي ظاهر ڪري ته ان کي زمان حال مضارع سڏبو آهي.

نوٽ:- هي زمان موجوده وقت ۾ امڪان، خواهش، اجازت يا مقصد ظاهر ڪري ٿو.

مثال

  1. مان متان گھر وڃان.
  2. هوءَ متان اسان ڏي گھمڻ اچي.
  3. توهان ڀلي ماني کائو.

Helping Verbs

Note :- "May" is the helping verb of Present aorist Tense

Example

  1. We may buy a bicycle.
  2. They may read a newspaper.
  3. It may cold.

مددگار فعل

نوٽ :-"May" زمان حال مضارع جو مددگار فعل آهي.

مثال

  1. اسين متان سائيڪل خريد ڪريون.
  2. اهي ڀلي اخبار پڙهن.
  3. اهو متان ٿڌو ڪري.

Possibility

  1. They may visit us tonight.
  2. He may pluck a few flowers from a garden.
  3. She may see me tomorrow in the park.
  1. اهي متان اڄ رات اسان ڏانهن اچن.
  2. هي متان باغيچي مان ڪجه گل پٽي.
  3. هوءَ متان سڀاڻي باغيچي ۾ مون سان ملي.

Permission

  1. May He do it ?
  2. May I go ?
  3. May He perform his duty ?
  1. ڇا هي اهو ڪري؟
  2. ڇا مان وڃان؟
  3. ڇا هي پنهنجي نوڪري ڪري؟

Wish

  1. May You achieve first position in class!
  2. May You get job opportunity!
  3. May God bless you with a son!
  1. شل توهان پنهنجي ڪلاس ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪريوَ!
  2. شل توهان کي نوڪريءَ جو موقعو ملي!
  3. شل خدا توهان کي پٽ ڏي!

Purpose

  1. I work hard so that I may become a doctor.
  2. She comes to you so that She may learn about computer.
  3. He visits the garden so that He may exercise there.
  1. مان محنت ڪريان ٿو ته جئين مان ڊاڪٽر ٿيان.
  2. هوءَ توهان ڏي ايندي آهي ته جئين هوءَ ڪمپوٽر سکي.
  3. هي باغيچي ڏانهن ويندو آهي ته جئين هي اتي ورزش ڪري.

Formation(Syntax)

SubjectHelping VerbMain Verb(1th form)Object(Optional)
Imaykeepmy promise.
Wemayobserveour work carefully.
Shemaytrusthim a lot.

بناوت

مثال

  1. مان متان پنهنجو وعدو نڀائيان.
  2. اسين متان پنهنجي ڪم جو ڌيان سان مشاهدو ڪريون.
  3. هوءَ ڀلي هن تي گھڻون يقين ڪري.

Conjugation

Note:- "May" helping verb is followed by all subjects.

Example

  1. I may get confused to answer.
  2. We may get confused to answer.
  3. You may get confused to answer.
  4. He may get confused to answer.
  5. She may get confused to answer.
  6. It may get confused to answer.
  7. They may get confused to answer.
  8. Ahmed may get confused to answer.
  9. Ahmed and Nawaz may get confused to answer my questions.

گردان يا ڦيرو

نوٽ:- "May" مددگار فعل سڀني فاعلن سان استعمال ٿيندو آهي.

مثال

  1. مان متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿيان.
  2. اسين متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿيون.
  3. توهان متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿيو.
  4. هي متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿي.
  5. هوءَ متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿي.
  6. اهو متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿي.
  7. اهي متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿين.
  8. احمد متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿي.
  9. احمد ۽ نواز متان جواب ڏيڻ ۾ پريشان ٿين.

Sentence Transformations

Note:- A transformation of an Assertive sentence into Negative sentence, Interrogative sentence and Interrogative Negative sentence.

جملي جي تبديلي

نوٽ:- هڪ بياني جملي جي ناڪاري جملي، سوالي جملي ۽ سوالي ناڪاري ۾ تبديلي.

Assertive

  1. I may do it myself.
  2. They may work now.
  3. We may take rest now.

بياني

  1. مان متان اهو پاڻ ڪريان.
  2. اهي ڀلي هاڻي ڪم ڪن.
  3. اسين هاڻي ڀلي آرام ڪريون.

Negative

  1. I may not do it myself.
  2. They may not work now.
  3. We may not take rest now.

ناڪاري

  1. مان متان اهو پاڻ نه ڪريان.
  2. اهي ڀلي هاڻي ڪم نه ڪن.
  3. اسين هاڻي ڀلي آرام نه ڪريون.

Interrogative

  1. May I do it myself?
  2. May They work now?
  3. May We take rest now?

سوالي

  1. ڇا مان متان اهو پاڻ ڪريان؟
  2. ڇا اهي ڀلي هاڻي ڪم ڪن؟
  3. ڇا اسين هاڻي ڀلي آرام ڪريون؟

Interrogative Negative

  1. May I not do it myself?
  2. May They not work now?
  3. May We not take rest now?

سوالي ناڪاري

  1. ڇا مان متان اهو پاڻ نه ڪريان؟
  2. ڇا اهي ڀلي هاڻي ڪم نه ڪن؟
  3. ڇا اسين هاڻي ڀلي آرام نه ڪريون؟