Present Dubious Tense - English Sindhi Grammar
زمان حال متشڪي
Definition
A verb showing a dubitative condition of some action in present time is called present dubious or dubitative tense.
Note:- This tense shows a dubitative condition of an action in present.
Example
- She may be calling you.
- He may be smoking.
- They may be watching a new Movie.
وصف
اهڙو فعل جيڪو موجوده وقت ۾ ڪنهن ڪم جي شڪ واري حالت کي ڏيکاري ته ان کي زمان حال متشڪي چئبو آهي.
نوٽ:- هي زمان موجوده وقت ۾ ڪم جي شڪي صورتحال کي ظاهر ڪندو آهي.
مثال
- هوءَ توهانکي سڏيندي هندي.
- هي سگريٽ پيئندو هندو.
- اهي نئي فلم ڏسندا هندا.
Helping Verbs
Note :- "May be" and "Might be" are the helping verb of Present dubious Tense
Example
- I may be calling you.
- We might be smoking.
- You may be watching a new Movie.
مددگار فعل
نوٽ :-"May be" ۽ "Might be" زمان حال متشڪي جا مددگار فعل آهن.
مثال
- هوءَ توهانکي سڏيندي هندي.
- هي سگريٽ پيئندو هندو.
- اهي نئي فلم ڏسندا هندا.
Formation(Syntax)
Subject | Helping Verb | Main Verb(4th form) | Object(Optional) |
---|---|---|---|
He | may be | seeking | a job. |
She | may be | brushing | her teeth regularly. |
You | may be | encouraging | your son. |
بناوت
مثال
- هي نوڪري ڳوليندو هوندو.
- هوءَ روزانو پنهنجا ڏند صاف ڪندي هندي.
- توهان پنهنجي پٽ کي همٿائيندا هوندا.
Conjugation
Note:- "May be" and "Might be" are followed by all subjects.
Example
- I may be cooking Sindhi Biryani.
- We may be cooking Sindhi Biryani.
- You may be cooking Sindhi Biryani.
- He may be cooking Sindhi Biryani.
- She may be cooking Sindhi Biryani.
- It may be cooking Sindhi Biryani.
- They may be cooking Sindhi Biryani.
- Alia may be cooking Sindhi Biryani.
- Alia and Safia may be cooking Sindhi Biryani.
گردان يا ڦيرو
نوٽ:- "May be" ۽ "Might be" سٿني فاعلن سان لڳندا آهن.
مثال
- مان سنڌي برياني پچائيندو هوندس.
- اسين سنڌي برياني پچائيندا هونداسين.
- توهان سنڌي برياني پچائيندا هوندا.
- هي سنڌي برياني پچائيندو هوندو.
- هوءَ سنڌي برياني پچائيندي هوندي.
- اهو سنڌي برياني پچائيندو هوندو.
- اهي سنڌي برياني پچائيندا هوندا.
- عاليه سنڌي برياني پچائيندي هوندي.
- عاليه ۽ صفيه سنڌي برياني پچائينديون هونديون.
Emphatic Sentences
Note:- For emphatic sentences we use must be instead of may be and might be.
Example
- Our parents must be wanting to see us happy.
- My personality must be attracting others .
- You must be repeating your work.
تاڪيدي جملا
نوٽ:- اسين تاڪيدي جملن لاءِ "may be" ۽ "might be" جي بدران "must be" استعمال ڪندا آهيون
مثال
- اسانجا والدين اسانکي خوش ڏسڻ ته چاهيندا هوندا.
- منهنجي شخصيت سچ پچ ٻئن کي ڀائيندي هوندي.
- توهان واقعي پنهنجو ڪم ورجائيندا هوندا.
Sentence Transformations
Note:- A transformation of an Assertive sentence into Negative sentence, Interrogative sentence and Interrogative Negative sentence.
جملي جي تبديلي
نوٽ:- هڪ بياني جملي جي ناڪاري جملي، سوالي جملي ۽ سوالي ناڪاري ۾ تبديلي.
Assertive
- I may be feeling cold.
- He may be felling off his bicycle.
- Girls may be wanting selfish love.
بياني
- مونکي سردي ٿيندي هوندي.
- هي پنهنجي سائيڪل تان ڪري پيو هوندو.
- ڇوڪريون خودغرض پيار چاهينديون هونديون.
Negative
- I may not be feeling cold.
- He may not be felling off his bicycle.
- Girls may not be wanting selfish love.
ناڪاري
- مونکي سردي نه ٿيندي هوندي.
- هي پنهنجي سائيڪل تان ڪري نه پيو هوندو.
- ڇوڪريون خودغرض پيار نه چاهينديون هونديون.
Interrogative
- May I be feeling cold?
- May He be felling off his bicycle?
- May Girls be wanting selfish love?
سوالي
- ڇا مونکي سردي ٿيندي هوندي؟
- ڇا هي پنهنجي سائيڪل تان ڪري پيو هوندو؟
- ڇا ڇوڪريون خودغرض پيار چاهينديون هونديون؟
Interrogative Negative
- May I not be feeling cold?
- May He not be felling off his bicycle?
- May Girls not be wanting selfish love?
سوالي ناڪاري
- ڇا مونکي سردي نه ٿيندي هوندي؟
- ڇا هي پنهنجي سائيڪل تان ڪري نه پيو هوندو؟
- ڇا ڇوڪريون خودغرض پيار نه چاهينديون هونديون؟